تھران
تھران
Tehran | |||||||||||
|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
| تهران بزرگ Greater Tehran | |||||||||||
گھڙيالي ڦيري وانگر مٿان کان هيٺ: ميلاد ٽاور، قرب ٽائون وٽان؛ شيميران، تھران جي سينيما؛ توڪال جبل ابريشم پل کان ؛ تبيعت پل؛ چٽگار ڍنڍ؛ گولستان محل؛ فردوس باغ؛ ۽ آزادي ٽا. | |||||||||||
| |||||||||||
| Coordinates: 35°41′21″N 51°20′20″E / 35.68917°N 51.33889°E | |||||||||||
| ملڪ | |||||||||||
| صوبو | تھران صوبو | ||||||||||
| ضلعو | شهرستان تھران شهرستان رئي شهرستان شيمرانت | ||||||||||
| بخش | مرڪزي ضلعو | ||||||||||
| Established | 1778ع | ||||||||||
| Government | |||||||||||
| • ميئر | پيروز حناچي | ||||||||||
| • شھري ڪائونسل جو چيئرمين | محسن ھاشمي رفسنجاني | ||||||||||
| Area | |||||||||||
| • Urban | 1,780 km2 (690 sq mi) | ||||||||||
| • Metro | 1,748 km2 (675 sq mi) | ||||||||||
| Elevation | 900 to 1,830 m (2,950 to 6,000 ft) | ||||||||||
| Population | |||||||||||
| • Density | 11,800/km2 (31,000/sq mi) | ||||||||||
| • Urban | 8,693,706[4] | ||||||||||
| • Metro | 15,232,564[5] | ||||||||||
| • Population Rank in Iran | آبادي ۾ ملڪ جو سڀ کان وڏو شھر | ||||||||||
| Demonym | تھراني - (انگريزي ۾ ) تھرانين | ||||||||||
| Time zone | UTC+03:30 (ايران جو معياري وقت) | ||||||||||
| • Summer (DST) | UTC+04:30 (IRDT) | ||||||||||
| Area code | (+98) 021 | ||||||||||
| Climate | BSk | ||||||||||
| Website | www.tehran.ir | ||||||||||
تھران (Tehran) ايران جو سڀ کان وڏو شھر ۽ گادي جو هنڌ آهي. اھو ايران جي تھران صوبي جو پڻ گاديءَ جو هنڌ آهي. شھر جي آبادي 87 لک آھي ۽ گريٽر تھران ميٽروپوليٽن واري علائقي جي آبادي ڏيڍ ڪروڙ آھي. [6] ھي دنيا جو چوويھون وڏو شھر آھي. [7] 2016ع کان شھري ڪائونسل جي فيصلي مطابق ھر سال ڇھ آڪٽوبر کي ھن شھر جو ڏينھن ڪري ملھايو ويندو آهي جنھن ڏينھن جن شھر کي قجر گھراڻي جي حڪومت ھن شھر کي سرڪاري طور تي گاديءَ جو هنڌ بڻايو ھو.[8]
تاريخ
[سنواريو]تاريخ جي پراڻي رڪارڊ مطابق ھن شھر واري علائقي تي سڀ کان اول ميڊيا وارن قبضو ڪيو ۽ ھي شھر اڏجڻ بعد ميڊيا جو اھم شھر بڻجي ويو.[9] ھن شھر کي بعد ۾ مسلمان عربن، ترڪن ۽ منگولن چڙھائي ڪري اجاڙي ڇڏيو پر وري وري آباد ٿي اھميت حاصل ڪئي. قجر گھراڻي جي بادشاھ آغا محمد خان قجر 1796 ۾ روس سان جنگين دوران ڪوھ قاف جي علائقي کسجي وڃڻ ڪري، ڪوھ قاف جي ويجھو ھجڻ ڪري ھن شھر کي گادي جو هنڌ بڻايو. [10]
مشھور جايون
[سنواريو]تھران مشھور تاريخي جاين سان ڀريل آهي جن م گولستان محل، سعد آباد واري عمارت، نياوران ڪامپليڪس پڻ شامل آهن جن م گذريل ٻن شاھي گھراڻن جي رھائش ۽ درٻارون ھيون. ھن شھر جي مشھور جاين ۾ آزادي ٽاور ھڪ آهي جيڪو رضا شاھ پھلوي 1971 م فارس جي شھنشاھيت جي اڍائي ھزار سالا جشن جي تقريب جي ياد ۾ ٺھرايل ھڪ يادگار آھي. ا شھر جو ميلاد ٽاور 2007 م مڪمل ٿيو جيڪو دنيا جي بغير ٽيڪ وارن منارن ۾ ڇھون نمبر وڏو منارو آھي. طبعيت پل بہ مشھور جاء آھي جيڪا 2014 ۾ ٺھي راس ٿي.[11]
آبادي
[سنواريو]ھن شھر جي آبادي جي اڪثريت فارسي ماڻھن جي آھي جن جي ٻولي فارسي آھي.[12] [13] شھر جي 99 سيڪڙو آبادي فارسي ٻولي ڳالهائيندڙ آھي جن ۾ غير فارسي نسل جا ماڻھو بہ شامل آهن جن جي فارسي مادري زبان نہ پر رابطي واري زبان آھي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ Tehran[مئل ڳنڍڻو]. Daft Logic.
- ↑ Tehran, Environment & Geography آرڪائيو ڪيا ويا 2015-11-17 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Tehran.ir.
- ↑ Urban population: Data for Tehran County. ~97.5% of county population live in Tehran city
Metro population: Estimate on base of census data, includes central part of Tehran province and Karaj County and Fardis from Alborz province - ↑ https://www.amar.org.ir/english
- ↑ "Major Agglomerations of the World - Population Statistics and Maps". citypopulation.de. 2018-09-13. Archived from the original on 2018-09-13.
- ↑ See List of metropolitan areas in Asia.
- ↑ "The world's largest cities and urban areas in 2006". City Mayors. Retrieved 2010-09-25.
- ↑ https://ifpnews.com/exclusive/citizens-of-capital-mark-tehran-day-on-october-6/
- ↑ Erdösy, George. (1995). The Indo-Aryans of ancient South Asia: Language, material culture and ethnicity. Walter de Gruyter. p. 165. "Possible western place names are the following: Raya-, which is also the ancient name of Median Raga in the Achaemenid inscriptions (Darius, Bisotun 2.13: a land in Media called Raga) and modern Rey south of Tehran"
- ↑ "Tehran (Iran) : Introduction – Britannica Online Encyclopedia". Encyclopædia Britannica. Retrieved 2012-05-21.
- ↑ "Tabiat Pedestrian Bridge / Diba Tensile Architecture". ArchDaily. November 17, 2014.
- ↑ Abbasi-Shavazi, Mohammad Jalal; McDonald, Peter; Hosseini-Chavoshi, Meimanat. (September 30, 2009). "Region of Residence". The Fertility Transition in Iran: Revolution and Reproduction. Springer. pp. 100–101.
- ↑ Schuppe, Mareike. (2008). Coping with Growth in Tehran: Strategies of Development Regulation. GRIN Verlag. p. 13. "Besides Persian, there are Azari, Armenian, and Jewish communities in Tehran. The vast majority of Tehran's residents are Persian-speaking (98.3%)."
- صفحا جنم ۾ غير-انگي فارميٽ.نم آرگيومينٽ آھي
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links از March 2018
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates on Wikidata
- ايران
- وڏا شهر
- راڄڌانيون
- تهران صوبو
- ايران ۾ شهر
- ايشيا ۾ راڄڌانيون
- سلڪ روڊ سان گڏ آباد هنڌ
- ٽٽل فائيل ڳنڍڻن وارا صفحا