مواد ڏانھن هلو

ايل سيلويڊور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ريپبلڪ آف ايل سيلويڊور

República de El Salvador (اسپينش ٻولي)
Flag of ايل سيلويڊور
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
شُعار: '"Dios, Unión, Libertad" (اسپيني)
انگريزي ٻولي: "خدا، اتحاد، آزادي"
ترانو: Himno Nacional de El Salvador
(انگريزي ٻولي: "National Anthem of El Salvador")
Location of ايل سيلويڊور
جو مقامايل سيلويڊور
گادي جو هنڌسان سيلويڊور
13°40′N 89°10′W / 13.667°N 89.167°W / 13.667; -89.167
سڀ کان وڏو شهرسان سيلويڊور
دفتري ٻوليوناسپينش
نسلي گروھ
  • 86.3% ميتزو
  • 12.7% لاطينو
  • 0.23% اصلوڪا
  • 0.13% آفريڪي
  • 0.64% باقي ٻيا [1]
مقامي آباديسيلويڊورن
گئاناڪو (غير رسمي)
حڪومتوحداني، صدارتي آئيني ريپبلڪ
 صدر
سيلويڊور سانچيز سيرئن
 نائب صدر
آسڪر آرٽز
مقننه قانون ساز اسيمبلي
آزادي
 اسپين کان آزادي
15 سيپٽمبر، 1821ع
 فيڊرل ريپبلڪ آف سينٽرل آمريڪا کان
پهرين جون، 1824ع
 ھڪ آزاد قوم بڻي [2]
18 فيبروري، 1841ع
پکيڙ
 جملي
21,041 km2 ([convert: unknown unit]) (148th)
 پاڻي (%)
1.5
آبادي
 2016 اندازو
6,344,722[3] (99th)
  گھاٽائي
303.1/km2 (785.0/sq mi) (47th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد )2015 لڳ ڀڳ
 ڪل
$52.666 بلين ڊالر [4]
 في سيڪڙو
$8,668[4]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ )2015 لڳ ڀڳ
 ڪل
$28.986 بلين ڊالر [4]
 في سيڪڙو
$4,776[4]
جِينِي (2013)43.5[5]
وچولو
ايڇ ڊي آء (2014)Increase 0.686[6]
وچولو · 116th
ڪرنسييونائيٽيڊ اسٽيٽس ڊالرa (USD)
معياري وقتسينٽرل آمريڪن ٽائم زون (متناسق عالمي وقت−6)
ڊرائيونگ جو پاسوساڄو
ڊائلنگ ڪوڊ+503b
انٽرنيٽ ڊومين.sv

ايل سيلواڊور (انگريزي=El Salvador؛Listeni/ɛl ˈsælvədɔr/) وچ آمريڪا جو ننڍي ۾ ننڍو ۽ تمام گھاٽي آبادي وارو ملڪ آهي جنھن جون سرحدون اتر اوڀر م ھونڊوراس، اتر اولھه ۾ گوئيٽي مالا ۽ ڏکڻ ۾ پيسفڪ سمنڊ سان ملن ٿيون. ھن ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر سان سيلويڊور آھي.

تاريخ

[سنواريو]
Image
تزومل وارا کنڊر جيڪي سانتا اينا، ۾ واقع آھن

ھن ملڪ واري علائقي ۾ صدين تائين ميسو آمريڪي ماڻھو رھيا جن ۾ پائپل ، لينڪا ۽ مايا وارا قبيلا شامل آهن. سورھين صدي جي ابتدا ۾ اسپين ھن علائقي کي فتح ڪري نيو اسپين واري وائسرائلٽي ۾ شامل ڪري ڇڏيو جنھن جو گاديءَ وارو هنڌ نيو ميڪسيڪو ھيو. 1609 م ھي علائقو گوئيٽي مالا جو ڪئپٽينسي جنرل بڻايو ويو اھڙي طرح 1821 ۾ اسپين کان آزادي حاصل ڪرڻ تائين ان حالت م رھيو.اھڙي طرح پھرين ميڪسيڪن ايمپائر جي حصي رھڻ کانپوءِ 1823 ۾ فيڊرل ريپبلڪ آف سينٽرل آمريڪا جو حصو رھيو جيڪا 1841 م ٽٽي وئي جنھن بعد آيل سيلويڊور ھڪ خودمختيار رياست جو درجو حاصل ڪيو. ان بعد وري ٿوري وقت لاءِ ھونڊوراس ۽ نڪاراگوا سان گڏجي اتحاد ڪري گريٽر ريپبلڪ آف سينٽرل آمريڪا جي نالي سان رياست ۾ رھيو جيڪا 1895 کان 1898 تائين قائم رهيو.[7][8][9] ايل سيلويڊور ٻارھن سال گھرو ويڙھ ۾ مبتلا رھيو جنھن ۾ 75000 ماڻھو مارجي ويا نيٺ 1992 م ان جو خاتمو ٿيو جڏهن حڪومت ۽ کاٻي ڌر جي باغين جي وچ ۾ معاھدو عمل ۾ آيو جنھن ذريعي ملڪ ۾ فوجي ۽ سياسي سڌارا آيا.ھي ملڪ انھن حالتن ۾ دنيا اندر ڏوھارين جو ھڪ وڏو مرڪز بڻجي ويو ھو.

Image
گھرو ويڙھ دوران فارابنڊو مارتي نيشنل لبريشن فرنٽ جا ويڙھاڪ 1990 ۾ پرڪئين ۾

جاگرافي

[سنواريو]

گوئٽي مالا ۽ ھونڊوراس جي وچ واقع ھي ملڪ اتر پيسفڪ سمنڊ جي ڪناري تي 13 50 N, 88 55 W جي جاگرافيائي بيهڪ تي واقع آهي. ملڪ جي پکيڙ جملي 21041 چورس ڪلوميٽر آهي جن مان 20721 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 320 چورس ڪلوميٽر پاڻي اٿس. پکيڙ جي لحاظ کان دنيا جي ملڪن ۾ 153 نمبر تي آهي.ان جي زميني سرحد 199 ڪلوميٽر گوئٽي مالا سان ۽ 391 ڪلوميٽر ھونڊوراس سان ملي ٿي. ان جي سامونڊي ڪناري جي ڊيگھ 307 ڪلوميٽر آهي. سمنڊ اندر ھن جي سرحد اندر علائقو 12 ناٽيڪل ميل آھي.۽ ان حد کان اڳتي وارو 24 ناٽيڪل ميلن تائين پڻ ان جي اختيار اچي ٿو. ان جو سامونڊي معاشي زون 200 ناٽيڪل ميلن تائين آھي.ھن ملڪ۾ جبل زياده تر سمنڊ ڪنارن لڳ ۽ وچ ملڪ ۾ مٿاھين پٽ تي آھن. ملڪ جي سامونڊي سطح کان سراسري بلندي 442 ميٽر آھي. سمنڊ جي سطح کان بلند ترين مقام سيرو ايل پائٽل(انگريزي: Cerro El Pital)آھي جنھن جي بلندي 2730 ميٽر آھي. ھن ملڪ جي زمين ٻرندڙ جبلن جي سرزمين سڏبي آھي جنھن ڪري ھتي زلزلا ڪثرت سان ايندا آهن جن ڪري اڪثر سامونڊي واچوڙن(انگريزي: hurricanes) جو امڪان رھندو آھي.[10]

Image
ڪورڊيليرا ڊي اپينيڪا نالي ٻرندڙ جبل جي قطار سيلڪوئيٽائيٽن وٽان نڪتل تصوير

نالو

[سنواريو]

ایل سیلويڊور اسپينش ٻوليءَ جو لفظ آھي جنھن جي معني آھي نجات ڏياريندڙ(انگريزي: The Saviour)آھي . شروع ۾ ھن علائقي جو نالو اسپيني ٻولي م:Provincia de Nuestro Senor Jesus Cristo, el Salvador del Mundoھيو جنھن جي معني آھي: اسانجي لارڊ (سائين) جيزس ڪرائيسٽ (عيسي مسيح) جو صوبو جيڪو دنيا لاءِ نجات ڏياريندڙ(انگريزي: El Salvador) آهي[10]

حڪومتي ۽ قانوني انتظام

[سنواريو]
Image
ايل سيلويڊور جو نقشو

ملڪ جو پورو نالو ريپبلڪ آف ايل سيلويڊور (اسپينش:Republica de El Salvador) آھي. رياست صدارتي ريپبلڪ آھي جنھن جو گاديءَ جو هنڌ سان سيلويڊور آھي جيڪو 13 42 N, 89 12 W واري جاگرافيائي بيهڪ تي واقع آهي.ملڪ جي انتظامي يونٽن کي ڊپارٽمينٽ سڏيندا آهن .ملڪ انتظامي طور تي ھيٺين انتظامي ڊپارٽمينٽن ۾ ورھايل آھي:[10]

ايل سيلويڊور جا ڊپارٽمينٽ
ايل سيلويڊور جي انتظامي ورهاست
اولھ ايل سيلويڊور وچ سيلويڊور اوڀر ايل سيلويڊور
نوٽ: ھر ڊپارٽمينٽ(صوبو) جو گاديءَ جو هنڌ ڏنگين ۾ ڏيکاريل آھي

ملڪ 15 سيپٽمبر 1821 م اسپين کان آزاد ٿيو جنھن ڪري اھو ڏينهن ايل سيلويڊور ۾ عام موڪل جو ڏينهن آهي. ملڪ جو موجوده آئين 23 ڊسمبر 1983 ۾ لاڳو ٿيو. ھي ملڪ اڃان عالمي عدالت جي اختيار ۾ شامل نہ ٿيو آھي. ملڪ ۾ شھرين کي ووٽ ڏيڻ جو حق 18 سالن جي عمر ۾ حاصل ٿيندو آهي.

Image
کاٻي پاسي ايل سيلويڊور جو صدر سينچيز سيرين ۽ نڪاراگوا جي روسي سفير سان گڏ

ملڪ جو صدر رياست ۽ حڪومت ٻنھي جو سربراھ ھوندو آھي. ملڪ ۾ صدر ۽ نائب صدر جي چونڊ سڌي سنئين ماڻھن جي ووٽ سان ٿيندي آهي. پھرين جون 2014 تي سينچيز سيرين ملڪ جو صدر ۽ آسڪر آرٽز ملڪ جو نائب صدر چونڏجي آيا.

Image
ايل سيلويڊور جي پارليامينٽ

ملڪ جي پارليامينٽ ھڪ ايواني آھي جنھن جي رڪنن جو تعداد 84 آھي جيڪي سڌا سنوان تڪن مان ٽن سالن لاء چونڊجي ايندا آهن . ملڪ م اعلي عدالتن جي ججن جي مقرري ملڪ جي پارليامينٽ ڪندي آهي جيڪا لازمي طور تي عدليہ جي قومي ڪائونسل ، پارليامينٽ جي خودمختيار باڊي ۽ بار ايسوسيئيشن جي سفارش تي ڪئي ويندي آھي. جج جي نوڪري جو مدو نو سالن تائين ھوندو آھي.[10]

زراعت

[سنواريو]

ھن ملڪ جي 74.7 سيڪڙو زمين زراعت واري آهي جنھن مان 33.1 سيڪڙو زمين پوکي جي لائق آھي جنھن مان وري 10.9 سيڪڙو زمين تي مستقل کيتي ٿيندي آهي. زرعي زمين جي 30.7 سيڪڙو علائقي تي مستقل چراگاھون آھن ۽ باقي 13.6 سيڪڙو زمين تي ٻيلا آھن . ھتان جي 452 چورس ڪلوميٽر زمين آبپاشي واري آھي.[10]

آبھوا

[سنواريو]
Image
El Salvador's topography.

ھن ملڪ جي آبهوا خشڪي ۾ مٿاھين علائقن ۾ ٽيمپريٽ ۽ سامونڊي ڪنارن تي ٽراپيڪل ھوندي آھي. مينھن جي موسم ھتي مئي کان آڪٽوبر تائين آهي. نومبر کان اپريل تائين موسم خشڪ ھوندي آھي.[10]

آبادي

[سنواريو]

جولاءِ 2017 جي انگ اکرن مطابق ھن ملڪ جي آدمشماري 61,72,011 ھئي. آبادي جي لحاظ کان دنيا جي ملڪن ۾ ھن ملڪ جو نمبر 108 آھي . ھتان جي ماڻھن کي سيلويڊورن سڏيو ويندو آهي. ھتان جي آبادي جو 86.3 سيڪڙو ماڻهو ميستيزو نسل جا آھن، 12.7 سيڪڙو ماڻهو گورا، 0.2 سيڪڙو ماڻهو آمريڪي ريڊ انڊين آھن ۽ 0.1 سيڪڙو ماڻهو ڪارا آھن.ھتان جي عام ۽ سرڪاري ٻولي اسپينش آھي. آمريڪي ريڊ انڊين نئوات ٻولي پڻ ڳالھائيندا آھن.ايل سيلويڊور وچ آمريڪا جو ننڍي ۾ ننڍو ۽ گھاٽي آبادي وارو ملڪ آهي. ملڪ م خانداني منصوبا منصوبا بندي سان آبادي جي واڌ جي شرح ۾ ڪافي گھٽتائي آئي آهي. گھرو ويڙھ جي ڪري 20 سيڪڙو آبادي ملڪ ڇڏي وئي آهي جن مان اڪثريت آمريڪا ۽ ڪيناڊا ، ۽ باقي ٿورا ڀر وارن ملڪن ھونڊوراس، نڪاراگوا ، ميڪسيڪو ۽ گوئٽي مالا منتقل ٿي آهي.[10]

مذھب

[سنواريو]

ھتان جي 50 سيڪڙو آبادي جو تعلق رومن ڪيٿولڪ مذهب سان آهي. 36 سيڪڙو پروٽيسٽنٽ، 12 سيڪڙو لامذھب ۽ 2 سيڪڙو ٻين مذھبن وارا ماڻهو آھن[10].

جاندار

[سنواريو]
Image
ٽوروگوز پکي جيڪو ايل سيلويڊور جو قومي پکي آهي

حوالا

[سنواريو]
  1. "CIA The World Factbook: People and Society – El Salavador".
  2. David Scott FitzGerald (22 April 2014). Culling the Masses. Harvard University Press. p. 363. ISBN 978-0-674-36967-2. https://books.google.com/books?id=ldNoAwAAQBAJ&pg=PA363.
  3. "World Population Prospects: The 2017 Revision". ESA.UN.org (custom data acquired via website). United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division. 10 September 2017 تي حاصل ڪيل.
  4. 1 2 3 4 "Report for Selected Countries and Subjects". www.imf.org.
  5. "Gini index". World Bank. 21 November 2015 تي حاصل ڪيل.
  6. http://hdr.undp.org/sites/default/files/hdr_2015_statistical_annex.pdf. {{cite web}}: Missing or empty |title= (مدد)
  7. Roy Boland (1 January 2001). Culture and Customs of El Salvador. Greenwood Publishing Group. p. 2. ISBN 978-0-313-30620-4. https://books.google.com/books?id=16DV3GDkKu8C&pg=PA2.
  8. Maureen Ihrie; Salvador Oropesa (20 October 2011). World Literature in Spanish: An Encyclopedia [3 volumes]: An Encyclopedia. ABC-CLIO. p. 332. ISBN 978-0-313-08083-8. https://books.google.com/books?id=zPDFHE_5besC&pg=PA332.
  9. Jeanne M. Haskin (2012). From Conflict to Crisis: The Danger of U.S. Actions. Algora Publishing. p. 152. ISBN 978-0-87586-961-2. https://books.google.com/books?id=O9hr0Ze14H0C&pg=PA152.
  10. 1 2 3 4 5 6 7 8 https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/es.html. {{cite web}}: Missing or empty |title= (مدد)

13°50′N 88°55′W / 13.833°N 88.917°W / 13.833; -88.917