مواد ڏانھن هلو

بيليز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
بيليز

Balize
Belice (اسپينش)
Bileez (بيليزي ڪروئل)
B'eleze (ڪائچئ مايائي)
Belice (يوڪاتيڪ مايائي)
Flag of بيليز
{{{coat_alt}}}
جھنڊو قومي نشان
شُعار: '"Sub Umbra Floreo" (Latin)
"ڇاڻ هيٺ، مان ڦُلندو آهيان"
ترانو: "Land of the Free"
(آزاد ماڻهن جي سرزمين)

شاھي ترانو: "God Save the Queen"
(خدا بادشاهه جي حفاظت ڪري)
بيليز جو آرٿوگرافڪ نقشو
بيليز جو آرٿوگرافڪ نقشو
بيليز جو نقشو
بيليز جو نقشو
گادي جو هنڌبيلموپان
17°15′N 88°46′W / 17.250°N 88.767°W / 17.250; -88.767
سڀ کان وڏو شهربيليز شهر
دفتري ٻوليونانگلش
بيليز ڪروئل
تسلیم شدہ  ٻوليونبيليزيئن ڪريئول، گيري فونا، مايان ٻولي، اسپيني ٻولي
تسلیم ٿيل قومي ٻوليبيليز ڪروئل
تسلیم ٿيل مقامي  ٻوليوناسپينش
چائينيز
جرمن
مايا ٻولي
گاريفونا ٻولي
سرڪاري ٻوليونٻيون
نسلي گروھ (2010[1][note 1])
  • 80.9% مخلوط نسل
  • 9.8% اصلوڪا (مايا، گاريفونا)
  • 1.5% انڊو_بيليزيئن
  • 7.8% بيا
مقامي آباديبيليزيئن (1973ع کان)
حڪومتوحداني، پارلياماني آئيني بادشاهت
چارلس ٽيون
(Charles III)
 گورنر جنرل
فلروئلا زلام(Froyla Tzalam)
 وزيراعظم
جوني برائسينو
(Johnny Briceño)
 مذهب (2022)
● 61.9% عيسائيت
  • 31.8% لا مذهب
  • 6.3% ٻيا
مقننه نيشنل اسيمبلي
سينيٽ
نمائندن جو ايوان
(House of Representatives)
آزادي
 گڏيل بادشاهت کان ورتائين
21 سيپٽمبر، 1981ع
پکيڙ
 جملي
22,966 km2 ([convert: unknown unit]) (147هون)
 پاڻي (%)
0.8
آبادي
 2017ع اندازو
387,879[2]
 2010ع مردم شماري
324,528[3]
  گھاٽائي
14.1/km2 (36.5/sq mi) (213th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد )2018ع لڳ ڀڳ
 ڪل
3.34 ارب آمريڪي ڊالر[4]
 في سيڪڙو
8,445 آمريڪي ڊالر[4]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ )2018ع لڳ ڀڳ
 ڪل
1.91 ارب آمريڪي ڊالر[4]
 في سيڪڙو
4,830 آمريڪي ڊالر [4]
ايڇ ڊي آء (2017)Decrease 0.708[5]
اعلیٰ · 106th
ڪرنسيبيليز ڊالر (BZD)
معياري وقتCST (متناسق عالمي وقت−6)
تاریخ جو نمونوdd/mm/yyyy
ڊرائيونگ جو پاسوساڄو پاسو
ڊائلنگ ڪوڊ+501
انٽرنيٽ ڊومين.bz

بيليز (انگريزي: Belize؛ Listeni/bəˈlz/ ) وچ آمريڪا ۾ واقع ھڪ ملڪ جو نالو آهي جنھن جو پراڻو نالو برٽش ھونڊوراس ھيو. ھي ملڪ وچ آمريڪا جي اوڀر واري ڪناري تي واقع آهي. ھن جي اتر اولهه ۾ ميڪسيڪو، اوڀر ۾ ڪيريبين سمنڊ ۽ ڏکڻ اولھه ۾ گوئٽي مالا واقع اٿس. ھن ملڪ ۾ پارلياماني جمهوريت آئيني بادشاهت ھيٺ نظام آھي. 22,800 چورس ڪلوميٽر جي ايراضي واري ھن ملڪ جي آبادي 2017ع ۾ 3,87,879 ھئي.[2] ھي ملڪ وچ آمريڪا جو ڇڊي آبادي وارو ملڪ آھي.[6] [1] ھن ملڪ ۾ تمام گھڻيون زميني ۽ آبي حياتياتي جنسون ملن ٿيون.[7] ملڪ جي سرڪاري ٻولي انگريزي آهي. بيليزيئن ڪروئل مقامي وڏي ٻولي آهي جنھن کانپوءِ ٻي وڏي ٻولي اسپينش آھي. هن ملڪ جا پاڙيسري ملڪن سان سٺا تعلقات آھن.[8] ھي ملڪ ڪيريبئن ڪميونٽي (CARICOM)، لاطيني آمريڪي ۽ ڪئريبين رياستن جي برادري (CELAC) جو رڪن ملڪ آهي.

تاريخ

[سنواريو]
Image
ڪاراڪول وٽ ڪئانا
Image
زونانٽيونڪ وٽ ايل ڪاسٽيلو

بيليز عيسوي صدين جي پھرين ھزار سال ۾ ماين تھذيب جي ھڪ شھري رياست ھو جنھن کان پوءِ ھتي اسپين ۽ برطانيا جا تڪرار ھليا جيڪي 17 کان 18 صدي تائين جاري رھيا. اھڙي طرح 1862 ۾ ھي ملڪ برٽش ھونڊوراس جي نالي سان برطانوي ڪالوني بڻيو. گوئٽي مالا ۽ برطانيا جي علائقائي تڪرارن جي ڪري ھن کي ڏاڍي دير بعد 1981 آزادي ملي. گوئٽي مالا کيس تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو نيٺ 1992 ۾ کيس تسليم ڪيو پر پوء بہ ٻنھي ملڪن وچ ۾ سرحدي تڪرار برقرار آھي.

جاگرافي

[سنواريو]

ھن ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ 17 15 N, 88 45 W آھي ۽ نقشي ۾ وچ آمريڪا ۾ واقع آهي. ملڪ جي پکيڙ 22,966 چورس ڪلوميٽر آهي جنھن مان 22806 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 160 چورس ڪلوميٽر پاڻي اٿس. پکيڙ ۾ دنيا ۾ 152 نمبر تي آهي. ملڪ جي خشڪي سان سرحد 542 ڪلوميٽر آهي جنھن مان 266 ڪلوميٽر گوئٽي مالا سان ۽ 276 ڪلوميٽر ميڪسيڪو سان ملي ٿي. بحري سرحد 386 ڪلوميٽر اٿس ۽ سمنڊ اندر علائقي جي 12 ناٽيڪل ميل ۽ مخصوص معاشي زون ھجڻ جي 200 ناٽيڪل ميلن تائين سندس علائقي ھجڻ جي دعویٰ اٿس. ھتان جي زمين ھموار ، ساحلي ميدان واري، گپ چڪ واري آھي ڏکڻ طرف ننڍا جبل پڻ واقع اٿس.ملڪ جي سراسري بلندي 173 ميٽر آھي. سڀ کان اوچو مقام ڊوائلس ڊيلائيٽ آھي جنھن جي بلندي 1124 ميٽر آھي[9].

آبهوا

[سنواريو]

ھتان جي آبهوا ٽراپيڪل آھي.موسم تمام گرم ۽ نمي واري ھوندي آھي. مئي کان نومبر ۾ ھتي برسات پوندي آھي ۽ فبروري کان اپريل تائين موسم خشڪ رھندي آھي[9]

قدرتي وسيلا

[سنواريو]

قدرتي وسيلن ۾ پوکي لائق زمين، عمارتي ڪاٺ ، مڇي ۽ ھائڊرو پاور شامل آهن[9]

زراعت

[سنواريو]

ھتان جي 6.9 سيڪڙو زمين زرعي آھي جنھن مان 3.3 سيڪڙو پوکي لائق جنھن مان 1.4 سيڪڙو تي مستقل پوکي ٿئي ٿي. 2.2 سيڪڙو زرعي زمين تي چراگاھون آھن باقي 60.6 سيڪڙو زرعي زمين تي ٻيلا آهن. آبپاشي واري زمين پوري ملڪ ۾ 35 چورس ڪلوميٽر آهي[9].

بيليز جا ماڻهو

[سنواريو]
Image
مايا نسل جا ٻار

بيليز جي آبادي جولاءِ 2017 ۾ 360346 ھئي. دنيا ۾ آبادي جي لحاظ کان ان جو نمبر 177 آهي. ھتان جي ماڻھن کي بيليزيئن چوندا آهن. انھن م 52.9 سيڪڙو ميسٽيزو، 25.9 سيڪڙو ڪريئول، 11.3 سيڪڙو مايا، 6.1 سيڪڙو گيريفونا، 3.9 سيڪڙو اوڀر انڊين، 3.6 سيڪڙو مينونائٽ ۽ 1.2سيڪڙو گورا آھن. آبادي جو 62.9 سيڪڙو ماڻهو انگريزي ڳالھائيندا آھن جيڪا ھن ملڪ جي سرڪاري ٻولي آھي. ان کان علاوه 56.6 ماڻھو اسپيني ٻولي، 44.6 ڪريئول ٻولي، 10.5 سيڪڙو مايا، 3.2 سيڪڙو جرمن ۽ 2.9 سيڪڙو گاريفونا ٻولي ڳالهائيندڙ آھن.آبادي جو 40.1 سيڪڙو ماڻهو رومن ڪيٿولڪ مذهب، 31.5 سيڪڙو پروٽسٽنٽ، 1.7 سيڪڙو يھوا جا شاھد، 10.5 سيڪڙو باقي ٻيا جن ۾ ھندو، مسلمان، راسٽافاريئن، سيلويشن آرمي وغيره شامل آهن[9].

Image
ڊينگريگا، بيليز ۾ گاريفونا نسل جا روايتي ڊانسر

نالو

[سنواريو]

ملڪ جو پراڻو نالو برٽش ھونڊوراس آھي . نئون نالو بيليز اتان جي بيليز نديءَ مان نڪتل آهي. بيليز لفظ ھڪ خيال مطابق مايا ٻوليء جي لفظ بيلڪس مان نڪتل آهي جنھن جي معني آهي گپ چڪ[9].

سياسي نظام

[سنواريو]
Image
بيليز جا ضلعا

ھتي جو سياسي نظام پارلياماني جمھوريت آھي جيڪو آئيني بادشاهت جي تحت ھلي ٿو جيڪو دولت مشترڪه واري نظام ۾ شامل آھي. حڪومت جي گادي بيلموپن شھر ۾ آھي جنھن جي جاگرافيائي بيهڪ 17 15 N, 88 46 W تي آھي. ھن ملڪ جي انتظامي ورهاست ضلعن ۾ ٿيل آهي. ملڪ جا جملي ڇھ ضلعا آهن جن ۾ بيليز، ڪايو، ڪوروزال، اورينج واڪ، اسٽان ڪريڪ، ٽوليڊو شامل آهن. ملڪ 21 سيپٽمبر 1981 ۾ برطانيا کان آزاد ٿيو.[9]

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

سانچو:Belize topics سانچو:Central America topic سانچو:North America topic سانچو:Commonwealth of Nations سانچو:Commonwealth realms

17°4′N 88°42′W / 17.067°N 88.700°W / 17.067; -88.700

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 "Belize". CIA World Factbook. Central Intelligence Agency. اصل نسخو مان 13 May 2013 تي محفوظ ڪيل. 13 January 2016 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Unknown parameter |deadurl= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  2. 1 2 POPULATION & HOUSEHOLD. sib.org.bz
  3. "Belize Population and Housing Census 2010: Country Report" (PDF). Statistical Institute of Belize. 2013. اصل نسخو (PDF) مان 27 جنوري 2016 تي محفوظ ڪيل. 11 ڊسمبر 2014 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Unknown parameter |deadurl= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  4. 1 2 3 4 "Belize". International Monetary Fund.
  5. "2018 Human Development Report". United Nations Development Programme. 2018. 14 September 2018 تي حاصل ڪيل.
  6. "World Population Prospects: The 2008 Revision Population Database". United Nations. مارچ 11, 2009. اصل نسخو مان 19 August 2010 تي محفوظ ڪيل. 29 August 2010 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Unknown parameter |deadurl= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  7. "Ecosystem Mapping.zip". 3 July 2012 تي حاصل ڪيل.
  8. "CARICOM – Member Country Profile – BELIZE". www.caricom.org. CARICOM. اصل نسخو مان 18 February 2015 تي محفوظ ڪيل. 17 February 2015 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Unknown parameter |deadurl= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  9. 1 2 3 4 5 6 7 آرڪائيو ڪيا ويا 2013-05-13 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.سي آء اي فيڪٽس بڪ_
  1. Percentages add up to more than 100% because respondents were able to identify more than one ethnic origin.
حوالي جي چڪ: "note" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="note"/> نہ مليو