مواد ڏانھن هلو

قاهره

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
قاھرہ
(انگريزي: Cairo )
وڏو شھر
Image
ImageImage
ImageImageImage
Image
Flag of قاھرہCoat of arms of قاھرہ
Nickname: 
ھزارين منارن وارو شھر
قاھرہ is located in Egypt
قاھرہ
قاھرہ
مصر ۾ قاھرہ جو مقام
قاھرہ is located in Africa
قاھرہ
قاھرہ
قاھرہ (Africa)
Coordinates: 30°2′N 31°14′E / 30.033°N 31.233°E / 30.033; 31.233
ملڪImage مصر
گورنريقاھرہ واري گورنري
قيام969ع  
بانيفاطمي خلافت
Government
  گورنرعاطف عبدالحميد [1]
Area
  وڏو شھر
606 km2 ([convert: unknown unit])
  Metro
17,267.6 km2 ([convert: unknown unit])
Elevation
23 m[convert: bug, ask for help]
Population
 (آڪٽوبر 2018[2])
  وڏو شھر
9,500,000
  Density16,000/km2 (41,000/sq mi)
  Metro
20,439,541
  آبادي جو نالو
قاھرائي يا قاھري (انگريزي: ڪائرين )
Time zoneUTC+02:00 (مصر جو معياري وقت)
Area code(+20) 2
WebsiteCairo.gov.eg
سرڪاري نالواسلامي قاھرہ
قسمثقافتي
معيارi, iii, vi
عهدو1979
حوالا نمبر.[3]
رياستي جماعتمصر

قاھرہ (Cairo) مصر جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شهر ۽ ميٽروپولس جنھن جي آبادي سال 2008ع جي آدمشماري جي مطابق 98 لک ھئي. ھي شھر اسلامي دنيا جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي جيڪو نيل درياء جي ٻنھي ڪپن تي غزا جي قديم اھرامن جي ڀرسان 214 چورس ڪلوميٽر جي پکيڙ ۾ واقع آهي.[4]

آبادي

[سنواريو]

پوڻا ٻہ ڪروڙ ماڻھن جي آبادي واري ھن شھر جي ماڻھن جي اڪثريت سني اسلام جي شافعي فقه سان تعلق رکندڙ آهي. اتان جي وڏي اقليت ۾ لکن جي تعداد ۾ ڪاپٽڪ آرٿوڊڪس عيسائين جي آھي[4].

قاھرہ جا نالا

[سنواريو]

قاھرہ جو پراڻو عربي نالو مصر ھيو پر خطي ۽ ملڪ جي ثقافتي، سماجي، معاشي ۽ سياسي زندگي ۾ ھن شھر جي وڏي ڪردار ھجڻ جي ڪري ان جو نالو ملڪ تي پئجي ويو [4]. مصر ھاڻي ملڪ جو سرڪاري نالو آهي. محاوراتي عربي ۾ مصر جي معني تھذيبن جي ماء آھي[4]. لفظ قاھرہ جي معني فتح آھي[4].

تاريخ

[سنواريو]

قاھرہ جي تاريخ جو آغاز 641ع ۾ مسلمانن جي 10000 ھزار فوجين ھن علائقي کي فتح ڪرڻ بعد فستوت نالي فوجي ڇانوڻي وارو شھر نيل درياء جي اوڀر واري ڪپ تي قائم ڪرڻ سان ٿي ھئي. فستوت بابل نالي پراڻي رومن قلعي جي ڀرسان واقع ھيو[4]. شھر جي مرڪز ۾ گورنر جو گھر ۽ جامع مسجد ٺاھيا ويا. ان مسجد جو نالو امر ابن العاص مسجد رکيو ويو. امر ابن العاص (وفات:663ع) مسلمانن جي فوج جو ڪمانڊر ھيو[4]. ان مسجد ۽ سرڪاري ڪامپليڪس جي چوڌاري بازار ۽ رھائشي گھر واقع ھيا[4]. فستوت اميه خلافت (661–750) جي دمشق واري حڪومت ۽ عباسي خلافت (750–1258) جي بغداد واري حڪومتي دور ۾ مصر جو پھريون گاديءَ جو هنڌ آهي[4]. ڏھين صدي عيسويءَ ۾ ھي شھر اتر آفريڪا جو ھڪ خوشحال واپاري مرڪز بڻجي ويو[4]. فستوت جو اھو شھر ھن وقت پراڻي قاھرہ وارو علائقو آھي[4]. فاطمين اتر آفريڪا مان اڀري ھي علائقو جڏهن فتح ڪيو تہ انھن ھڪ نئون شھر فستوت کان ٽن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ان جي اتر-اوڀر ۾ اڏي پنھنجي فاطمي خلافت (909–1171) جي حڪومت جو مرڪز ان کي بڻايو[4]. اھو مستطيل شڪل ۾ ٺاھيو ويو جنھن جي چوڌاري ھڪ وڏي ديوار کنئين وئي ۽ ان شھر جي سڀ کان نمايان جاء الازھر مسجد ھئي جتي اجتماع ٿيندو ھو ۽ اتي اسپتال پڻ واقع ھئي. ان نئين شھر جو علحده واپاري مرڪز پڻ قائم ٿي ويو[4]. ايوبي خاندان جي حڪمراني (1173ع کان 1250ع تائين) فاطمي شيعن جو خاتمو ڪيو ويو ۽ سني اسلام جي شافعي فقه جي تعليم ۽ تبليغ لاء 25 مدرسا ۽ جامع مسجدون قائم ڪيون ويون. امام شافعي جي مزار ۽ ان سان لڳو لڳ ھڪ مدرسو پڻ ٺھرايا ويا[4]. ايوبين شھر جي حفاظت لاء ھڪ نئين ديوار تعمير ڪرائي جنھن سان ٻئي شھر فستوت ۽ قاھرہ ان ساڳي ديوار جي اندر اچي ھڪ شھر ٿي ويا. مملوڪن جي حڪمراني (1250–1517) ھين شھر ۾ رھائشي گھرن ، حلن ، مسجدن ۽ اسپتالن ۾ اڃان بہ وڌيڪ اضافو ٿيو[4]. عثماني خلافت واري دؤر ۾ ھي شھر ان خطي جو صدر مقام رھيو ۽ ھتان جي آبادي ٻن لکن کان وڌي پوڻا ٽي لک ٿي وئي. الازھر وارو مدرسو ۽ مسجد شھر تي ڇانيل رھيا. 1798 کان 1801 تائين ھي شھر فرانس جي نيپولين بوناپارٽ جي قبضي ۾ رھيو[4]. فرانسيسي فوج سان گڏ آيل عالمن ان وقت جي مصر بابت لکڻ شروع ڪيو اھڙي طرح 23 جلدن تي مشتمل ھڪ انسائيڪلوپيڊيا "ڊل ايجپٽ " (de l’Égypte) يعني "مصر مان" جي نالي سان تيار ڪئي وئي[4]. جديد قاھرہ جي تعمير البانوي ترڪ محمد علي جي گھراڻي جي حاڪميت (1805-1952) ۾ ٿي[4]. سوئيز ڪئنال جي آمدني سان خزاني وڌڻ کان پوء ان خاندان جي حاڪم خيديو اسماعيل (Khedev Ismail) پنھنجي دؤر حڪومت (1863 کان 1879) ۾ پراڻي قاھرہ کان نيل جي اوڀر واري ڪناري جي وچ ۾ فرانس جي ماھرن جي مدد سان ھڪ نئين منصوبي جو بنياد وجھي تعمير شروع ڪرائي[4].

حوالا

[سنواريو]
  1. "محافظ القاهرة يرفض تطوير المستثمرين الحدائق.. ويؤكد: "هيسحلوا الغلابة"". محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 15 سيپٽمبر 2016 تي محفوظ ڪيل. 14 سيپٽمبر 2016 تي حاصل ڪيل.
  2. "الجهاز المركزي للتعبئة العامة والإحصاء". www.capmas.gov.eg. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 1 آڪٽوبر 2018 تي محفوظ ڪيل. 27 آڪٽوبر 2018 تي حاصل ڪيل.
  3. يونيسڪو جي عالمي ورثي جو مرڪز. "Historic Cairo – UNESCO World Heritage Centre". Whc.unesco.org. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 5 جُونِ 2017 تي محفوظ ڪيل. 20 سيپٽمبر 2017 تي حاصل ڪيل.
  4. 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 120 to 124,