مواد ڏانھن هلو

گل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Image

گل (Flower) جنهن کي ڦل به چيو ويندو آهي، اهو پيدائشي ڍانچو آهي جيڪو گلن واري ٻوٽن ( Angiosperms) ۾ ملي ٿو. گل ٻوٽي جي نسل جي واڌ جو ڪم ڪندو آهي. گل عام طور تي نر ۽ مادي حصن تي مشتمل هوندو آهي. هڪ گل عضون جي ميلاپ تي مشتمل آهي؛ سيپل، جيڪي ترقي پذير گلن جي حفاظت ڪن ٿا. پنکڙيون، پولينئٽر کي راغب ڪن ٿيون ۽ توليدي عضوا (گائينيشيئم ۽ اينڊروشيئم) جيڪي گيمٽوفائٽ پيدا ڪن ٿا، جيڪا گلن واري ٻوٽن ۾ گيميٽ پيدا ڪن ٿا. نر گيمٽوفائٽ، جيڪا اسپرم پيدا ڪن ٿا، ان ۾ پيدا ٿيندڙ پولن جي داڻن ۾ بند ٿيل هوندا آهن. مادي جا گيموفائٽس بيضاداني ۾ پيدا ٿيندڙ، اوويول (ovules) جي اندر موجود هوندا آهن.

اڪثر گلن وارا ٻوٽا، پنهنجي پولن کي مختلف گلن جي وچ ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ، جانورن تي ڀاڙين ٿا، جهڙوڪ مکيون، پتنگا ۽ تتليون ۽ مختلف حڪمت عملين ذريعي انهن پولينٽرز (جيت) کي راغب ڪرڻ لاءِ ترقي ڪئي آهي، جن ۾ چمڪندڙ رنگ، نمايا پن، دلڪش خوشبو ۽ امرت، جيت لاء خوراڪ جو ذريعو، جي پيداوار شامل آهن.[1] اهڙيءَ طرح، ڪيترائي گل ٻوٽا پولينٽرن سان گڏجي، هڪ ٻئي کي مهيا ڪيل خدمتن تي باهمي انحصار ڪن؛ ٻوٽن جي صورت ۾، پيدائش جو هڪ ذريعو؛ پولينٽر جي صورت ۾، کاڌي جو هڪ ذريعو، ترقي ڪئين ٿا.[2]

جڏهن گلن جي ٻوٽي مان پولن اسٽگما تي جمع ڪيو ويندو آهي، ان مرحلي کي "پولينيشن" سڏيو ويندو آهي. ڪجھ گل خود پولينيشن ڪري سگھن ٿا، هڪ ئي ٻوٽي جي مختلف گلن مان پولن استعمال ڪندي ٻج پيدا ڪري سگھن ٿا، پر ٻين وٽ ميکانيزم ھوندا آھن جن کي خود پولينيشن کي روڪيو وڃي ۽ ڪراس پولينيشن تي ڀروسو ڪيو وڃي، جڏھن پولن ھڪڙي گل جي اينٿر مان منتقل ڪيو وڃي ٿو. ٻيو گل ساڳئي نسل جي مختلف فرد تي. خود پولينيشن گلن ۾ هن وقت ٿئي ٿو جڏهن اسٽيمن (stamen) ۽ ڪارپل (carpel) هڪ ئي وقت پختو ٿين ٿا ۽ اهڙي جاءِ تي رکيل آهن ته جيئن پولن گلن جي اسٽگما تي اچي سگهي. هن پولينيشن لاءِ ٻوٽن کي ڪا به قسم جي سيڙپڪاري جي ضرورت نه آهي ته جيئن پولينئٽر (جيت ۽ پکين) امرت ۽ پولن غذا طور فراهم ڪرڻ.[3] ڪي ٻوٽا، بغير ڀاڻ (پارٿينوڪارپي) جي ڊائيسپور پيدا ڪن ٿا. فرٽيلائزيشن کان پوء، گل جي بيضي ۾ ٻج تي مشتمل ميوو بڻجي ٿو. Image گلن کي انهن جي حسن ۽ خوشگوار خوشبوءَ ۽ ثقافتي اهميت کي پڻ وڏي عرصي کان ساراهيو ويو آهي، گل مذهبي يا عام رسمن يا علامتي شين يا دوائن ۽ کاڌي جا ذريعا آهن.

اصطلاح

[سنواريو]

مورفولوجي

[سنواريو]

ترقي

[سنواريو]

فنڪشن

[سنواريو]

پولينيشن

[سنواريو]

ٻج جي ترقي

[سنواريو]

ميوي جي ترقي

[سنواريو]

ٻج پکيڙڻ

[سنواريو]

ارتقا

[سنواريو]

ڪلاسيڪل ٽيڪسانومي

[سنواريو]

علامتي رجحان

[سنواريو]

انساني استعمال

[سنواريو]

This pollination does not require an investment from the plant to provide nectar and pollen as food for pollinators.[4] Some flowers produce diaspores without fertilization (parthenocarpy). After fertilization, the ovary of the flower develops into fruit containing seeds.

Flowers have long been appreciated for their beauty and pleasant scents, and also hold cultural significance as religious, ritual, or symbolic objects, or sources of medicine and food.

گيلري

[سنواريو]
Image
هڪ گل جو قسم
Image
آسٽريليا جي شهر ايڊيليڊ جي نباتاتي باغ جو هڪ گل

پڻ ڏسو

[سنواريو]

خارجي لنڪس

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Plant Pollination Strategies". US Forest Service. 12 December 2022. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان Feb 16, 2023 تي محفوظ ڪيل. 16 February 2023 تي حاصل ڪيل.
  2. Bayer, Mandy (9 September 2015). "Pollinators in the Landscape II: Plants and Pollinators". Center for Agriculture, Food, and the Environment at University of Massachusetts Amherst. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان Jan 7, 2024 تي محفوظ ڪيل.
  3. "Self-Pollination and Cross-Pollination | Biology for Majors II". Lumen Learning. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 2020-07-21 تي محفوظ ڪيل. 2020-07-21 تي حاصل ڪيل.
  4. "Self-Pollination and Cross-Pollination | Biology for Majors II". Lumen Learning. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 2020-07-21 تي محفوظ ڪيل. 2020-07-21 تي حاصل ڪيل.