وٿي

خلاء يا وٿي (space) هڪ ٽي-رخو تسلسل (continuum) آهي جنھن ۾ بيھڪون (coordinates) ۽ رخ (dimension) شامل آهن.[1] ڪلاسيڪل فزڪس ۾، طبعي وٿيءَ کي اڪثر ٽن سڌن رخن ۾ ڏٺو ويندو آهي. جديد طبعيات ۾ عام طور تي ان کي، وقت سان گڏ، هڪ بغير حدن واري چار-رخي تسلسل (continuum) جو حصو سمجهيو ويندو آهي، جنھن کي خلائي وقت (spacetime) طور سڃاتو وڃي ٿو.[2] خلا جي تصور کي طبعي ڪائنات کي سمجهڻ لاءِ بنيادي اھميت ڏني وڃي ٿي. فلسفين جي وچ ۾ اختلاف جاري آهي ته ڇا اها پاڻ هڪ وجود آهي؟ وجودن جي وچ ۾ هڪ تعلق آھي؟ يا هڪ تصوراتي فريم ورڪ جو حصو آهي؟.
19هين ۽ 20ھين صدي ۾ رياضي دانن جيوميٽري، جيڪي غير اقليدسي آهن، جن ۾ وٿيءَ کي خلا ۾ هڪ سڌي رخ جي بجاءِ مڙيل وانگر تصور ڪيو ويندو آھي، کي پرکڻ شروع ڪيو. البرٽ آئنسٽائن جي نسبت جي عام نظريو (General Theory of Relativity) جي مطابق، ڪشش ثقل جي ميدانن جي چوڌاري وٿي، اقليدس جي وٿي کان انحراف ڪري ٿي.[3] عام نسبت جا تجربا ان ڳالھه جي تصديق ڪيا آهن ته غير اقليدسي جاميٽري خلا جي شڪل لاءِ هڪ بھتر نمونو مھيا ڪئي ٿي.
پڻ ڏسو
[سنواريو]ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]| وٿي بابت وڌيڪ ڏسو وڪيپيڊيا جي ڀينر رٿائن ۾: | |
| معني ڏسو وِڪِشنري تي | |
| تصويرون ۽ وڊيو ڏسو وڪي ڪامنز تي | |
| چَوِڻيون Quotations وڪي ڪوٽ تان | |
| سورس ٽيڪسٽس وڪي سورس تان | |
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Space – Physics and Metaphysics". Encyclopædia Britannica. Archived from the original on 6 May 2008. Retrieved 28 April 2008.
- ↑ Bunyadzade, Konul (2018-03-15). "Thoughts of Time" (az ۾). Metafizika Journal (AcademyGate Publishing) 1: 8–29. doi:. https://metafizikajurnali.az/yukle/files/Vol.1-8%281%29.pdf. Retrieved 2018-03-15.
- ↑ Carnap, R. (1995). An Introduction to the Philosophy of Science. New York: Dove. (Original edition: Philosophical Foundations of Physics. New York: Basic books, 1966).