مواد ڏانھن هلو

ڪرنسي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪرنسي يا سڪو (پئسن جي هڪ معياري شڪل آهي، جيڪا مٽاسٽا جي ذريعي طور استعمال يا گردش ۾ رهي ٿي. ان جي مثالن ۾ بئنڪ نوٽ، سڪا،[1] بئنڪ اڪائونٽن ۾ موجود اليڪٽرانڪ بیلنس،[2] ۽ مرڪزي بئنڪ جون ڊجيٽل ڪرنسيون (CBDCs) شامل آهن.[3] هڪ وڌيڪ عام تعريف موجب، ڪرنسي پئسن جو اهو نظام آهي جيڪو ڪنهن خاص ماحول يا ملڪ ۾ عام استعمال ۾ هجي.

هن تعريف جي تحت، پائونڊ اسٽرلنگ (£)، يورو (€)، جاپاني ين (¥)، ۽ آمريڪي ڊالر (US$) سرڪاري طور جاري ڪيل فيٽ ڪرنسي (Fiat money) جا مثال آهن. ڪرنسيون قدر جي ذخيري (Store of value) طور ڪم ڪري سگهن ٿيون ۽ بين الاقوامي طور تي فارين ايسڪچينج مارڪيٽن ۾ انهن جي خريد و فروخت ٿئي ٿي، جيڪا مختلف ڪرنسين جي هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ قدر جو تعين ڪري ٿي. ڪرنسيون يا ته صارفين پاران چونڊيون وينديون آهن يا حڪومتن طرفان مقرر ڪيون وينديون آهن، ۽ هر قسم جي ڪرنسي جي قبوليت جون حدون هونديون آهن؛ مثال طور، قانوني ٽينڊر (Legal tender) جا قانون حڪومتي ادارن کي ادائيگي لاءِ هڪ خاص يونٽ جي گهر ڪري سگهن ٿا.

مالياتي نظام جا قسم

[سنواريو]

ڪرنسين کي انهن جي قدر جي ضمانت جي بنياد تي ٽن مالياتي نظامن ۾ ورهايو وڃي ٿو:

  1. فيٽ مني (Fiat money): جنهن جو قدر حڪومتي حڪمن تي ٻڌل هجي.
  2. ڪموڊٽي مني (Commodity money): جنهن جو قدر ڪنهن قيمتي شيءِ (جهڙوڪ سون يا چاندي) جي بنياد تي هجي.
  3. ريپريزنٽيٽو مني (Representative money): جيڪا ڪنهن قيمتي ڌاتو جي ذخيري جي نمائندگي ڪري.

ڪجهہ ڪرنسيون خاص علائقن ۾ قانوني ٽينڊر طور ڪم ڪن ٿيون، خاص ڪري حڪومتي ٽيڪس، فيس، ۽ ڏنڊن جي ادائيگي لاءِ. جڏهن ته ٻيون ڪرنسيون صرف پنهنجي معاشي قدر جي بنياد تي واپار ۾ استعمال ٿينديون آهن.

حوالا

[سنواريو]
  1. سڪو (Coin) - Britannica
  2. Electronic Money - Investopedia
  3. Central Bank Digital Currency (CBDC) - IMF

وڌيڪ ڏسو

[سنواريو]