ڪيوبيڪ
Quebec
Québec (French) | |||
|---|---|---|---|
| |||
| Motto(s): | |||
| Coordinates: 52°N 72°W / 52°N 72°W[1] | |||
| Government | |||
| • Type | Parliamentary constitutional monarchy | ||
| Area | |||
• Total | 1,700,000 km2 (660,000 sq mi) | ||
| • Land | 1,365,128 km2 (527,079 sq mi) | ||
| • Water | 176,928 km2 (68,312 sq mi) | ||
| • Rank | 2nd | ||
| Population (2021) | |||
• Total | 8,501,833 | ||
• Estimate (Q2 2024) | 9,030,684 | ||
| • Rank | 2nd | ||
| Demonym(s) | in English: Quebecer, Quebecker, Québécois in French: Québécois (m),[3] Québécoise (f)[3] | ||
| Time zone | UTC−05:00 (Eastern Time Zone for most of the province[4]) | ||
| • Summer (DST) | UTC−04:00 | ||
ڪيوبيڪ (فرينچ: Québec)[5] ڪئناڊا جي تيرهن صوبن ۽ علائقن مان هڪ آهي. اهو علائقي جي لحاظ کان سڀ کان وڏو صوبو ۽ آبادي جي لحاظ کان ٻيو نمبر وڏو صوبو آهي.
17 لک چورس ڪلوميٽر جي ايراضي ۽ 12,000 ڪلوميٽرن کان وڌيڪ سرحدن سان،[6] ڪيوبيڪ مرڪزي ڪئناڊا ۾ واقع آهي. صوبو زميني سرحدون اولهه ۾ اونٽاريو صوبي سان، اتر اوڀر ۾ نيو فائونڊلينڊ ۽ ليبراڊور سان، ڏکڻ اوڀر ۾ نيو برنزوڪ صوبي سان شئیر کری ٿو ۽ نوناوت سان ساحلي سرحد آهي. اهو اتر طرف جيمس بي، هڊسن بي، هڊسن اسٽريٽ، انگاوا بي، آرڪٽڪ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊن سان پکڙيل آهي ۽ ڏکڻ ۾ آمريڪا جون سرحدون آھن.
ڪيوبيڪ جي آبادي جي اڪثريت سينٽ لارنس نديءَ جي وادي ۾، ٽريس۔ريويرس، ان جي سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو شھر مونٽريال ۽ صوبائي گاديءَ جو هنڌ ڪيوبيڪ ۾ رھندي آھي.[7]

سال 1535ع ۽ 1763ع جي وچ ۾، ڪيوبيڪ ڪئنیڊا جي فرانسيسي ڪالوني هئي ۽ نيو فرانس ۾ سڀ کان وڌيڪ ترقي يافته ڪالوني هئي. ستن سالن جي جنگ جي پٺيان، ڪئناڊا هڪ برطانوي ڪالوني بڻجي ويو ۽ ڪيوبيڪ پهريون ڀيرو ڪيوبيڪ صوبو (1763-1791)، پوءِ لوئر ڪئناڊا (1791-1841) ۽ آخر ۾ لوئر ڪئناڊا جي بغاوت جي نتيجي ۾ ڪئناڊا جي صوبي (1841-1867) جو حصو بڻجي ويو. اهو سال 1867ع ۾ اونٽاريو، نووا اسڪوٽيا ۽ نيو برنزوڪ سان اتحاد ڪيو ويو. سال 1960ع جي شروعات تائين، ڪيٿولڪ چرچ ڪيوبيڪ ۾ سماجي ۽ ثقافتي ادارن ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. بهرحال، 1960ع کان 1980ع واري ڏهاڪي جي خاموش انقلاب l'État québécois (ڪيوبيڪ جي عوامي اٿارٽي) ۾ ڪيوبيڪ حڪومت جي ڪردار کي وڌايو.
ڪيوبيڪ جي حڪومت ويسٽ منسٽر سسٽم جي مطابق ڪم ڪري ٿي ۽ هڪ لبرل جمهوريت ۽ آئيني بادشاهت ٻئي آهي. ڪيوبيڪ جو پريميئر حڪومت جي سربراهه طور ڪم ڪري ٿو. آزاديءَ جي بحثون ڪيوبيڪ سياست ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهن. ڪيوبيڪ سوسائٽيءَ جو اتحاد ۽ خصوصيت ان جي ٽن منفرد قانوني دستاويزن تي مبني آهي: ڪيوبيڪ چارٽر آف هيومن رائيٽس اينڊ فريڊمز، فرينچ ٻوليءَ جو چارٽر، ۽ ڪيوبيڪ جو سول ڪوڊ. ان کان علاوه، ڪئناڊا ۾ ٻين هنڌن جي برعڪس، ڪيوبيڪ ۾ قانون ملايو ويو آهي: پرائيويٽ قانون سول قانون واري نظام تحت استعمال ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته عوامي قانون هڪ عام قانون واري نظام تحت استعمال ڪيو ويندو آهي. ڪيوبيڪ جي سرڪاري ٻولي فرانسيسي آھي؛ ڪيوبيڪوئس فرانسيسي علائقائي قسم آھي. ڪيوبيڪ واحد فرانسیسی بولن وارن جی اڪثریت جو صوبو آهي. ڪيوبيڪ جي معيشت بنيادي طور تي ان جي وڏي خدمت واري شعبي ۽ مختلف صنعتي شعبي جي سھارن تي آهي. برآمدات لاءِ اھو ايئرونٽيڪس، جتي اهو دنيا ۾ 6 نمبر وڏو وڪرو ڪندڙ آهي،[8] ھائيڊرو اليڪٽرڪ، کان کني، ڪاٺ، دواسازي، ايلومينيم ۽ ڪاغذ جی صنعتن تی انحصار ڪري تو. ڪيوبيڪ ميپل سيرپ پيدا ڪرڻ، ان جي مزاحيه ۽ هاڪي کي ڪئناڊا جي مشهور راندين مان هڪ ٺاهڻ لاءِ مشهور آهي. اهو پڻ پنهنجي ثقافت لاء مشهور آهي؛ صوبو ادب، موسيقي، فلمون، ٽي وي شوز، فيسٽيول وغيره پيدا ڪري ٿو.
حوالا
[سنواريو]- ↑ سانچو:Cite cgndb
- ↑ سانچو:Cite cgndb
- 1 2 Fee, Margery; McAlpine, Janice (2001). Oxford Guide to Canadian English Usage. Oxford University Press. p. 335. ISBN 0-19-541619-8.
- ↑ See Time in Canada
- ↑ According to the Canadian government, Québec (with the acute accent) is the official name in Canadian French and Quebec (without the accent) is the province's official name in Canadian English "Geographical Names of pan-Canadian significance". Natural Resources Canada. Archived from the original on September 18, 2015.
- ↑ "Geography of Quebec territory" (in فرانسيسي). Government of Quebec. 28 March 2024. Retrieved 26 June 2024.
Quebec is divided into 17 administrative regions which bring together 104 regional county municipalities (MRC) and several independent municipalities.
- ↑ "Population Density, Québec, 2006". statcan.gc.ca. Retrieved 2024-01-21.
- ↑ Canada, Global Affairs (2015-10-20). "Sector Snapshots - Canadian Trade Commissioner Service - Quebec". GAC. Retrieved 2024-01-21.
- مضمون with short description
- Short description matches Wikidata
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- Short description is different from Wikidata
- Articles containing فرانسيسي-language text
- Pages using infobox settlement with possible motto list
- Coordinates on Wikidata
- Pages using infobox settlement with possible demonym list
- Pages using infobox settlement with unknown parameters
- Pages using infobox settlement with missing country
- CS1 فرانسيسي-language sources (fr)
- ڪينيڊا
- ڪينيڊا جا صوبا
- اتر آمريڪا جي جاگرافي
- ڪينيڊا جا صوبا ۽ علائقا